سول لائين ڪواٽرس

سول لائين ڪواٽرس: ڪراچيءَ جو سول لائين ڪواٽرس ڪافي قيمتي عمارتن، پکڙيل ميدان ۽ گهٽ آباديءَ تي مشتمل علائقو آهي. هن علائقي جي وڏين عمارتن ۾ فريئر هال (1865ع) ٽرنٽي چرچ
(1855ع) سنڌ ڪلب، نيپئر بيرڪس شمار ٿين ٿا. فريئر هال باغن جي وچ تي آهي، جڏهن ته ٽرنٽي چرچ ۽ انهيءَ جو خوبصورت ٽاور (پوءِ جنهن جي ڊيگهه گهٽائي وئي) الفنسٽن اسٽريٽ ۽ وڪٽوريا روڊ جي وچ تي 15 ايڪڙن تي موجود هئا. اهي ڪشادا باغ، الفنسٽن اسٽريٽ جي اوڀر ۾ اسٽاف لائين آفيسرن جي بنگلن، گورنمينٽ هائوس ۽ ڪليڪٽرن جي بنگلن جي وچ ۾ خوبصورت منظر پيش ڪندا هئا. گورنمينٽ هائوس (ڪمشنر جي رهائش) جو اصل داخلي رستو وڪٽوريا روڊ هو، جيڪو ٽرنٽي چرچ، فريئر هال ۽ سنڌ ڪلب تائين هو. فريئر هال جي پٺيان وارو علائقو جيڪو هيولاڪ ۽ اسڪينڊل پوائنٽ روڊ جي وچ تي هو، اتي هڪ گرائونڊ ٺاهيو ويو، جيڪو پولو گرائونڊ جي نالي سان ڪافي مشهور ٿيو. هن وقت ان کي ’باغ قائداعظم‘ سڏيو وڃي ٿو. 1960ع ڌاري پولو گرائونڊ جي پيمائش گهٽائي ان جي ڪجهه حصي ۾ انٽر ڪانٽينيٽل هوٽل جي عمارت ٺاهي وئي. الفنسٽن اسٽريٽ جيڪا ڇانوڻي ۽ سول لائين ڪواٽرس کي ملائي ٿي. الفنسٽن اسٽريٽ ڏکڻ طرف فريئر اسٽريٽ سان ملي ٿي ۽ فريئر اسٽريٽ اسٽيشن تي ختم ٿئي ٿي. سول لائين ڪواٽرس جو هڪ ٻيو اهم روڊ ڪچهري روڊ هو، جيڪو سول لائين ڪواٽرس کي بندر روڊ سان ڳنڍيندو هو. ڪچهري روڊ ۽ وڪٽوريا روڊ ڏکڻ طرف جتي ملندا هئا، اتي پوءِ ڪلفٽن برج ٺاهي وئي.
موجوده وزيراعليٰ هائوس (اصل جڊيشنل ڪمشنر هائوس)، هارڊلي هائوس (جتي چيف سيڪريٽري رهي ٿو) ۽ قصر ناز جون عمارتون به هن علائقي ۾ آهن.


لفظ سول لائين ڪواٽرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو